جمادي الثاني الآخر

جمادي الثاني / الآخر (اسلامي مهينو): جمادي الآخر اسلامي هجري سال جو ڇهون مهينو آهي. جڏهن هن مهيني جو نالو رکيو ٿي ويو، تڏهن سرديءَ جي موسم جي پڇاڙي هئي، جنهن ۾ سخت سيءُ سبب پاڻي ڄمي برف ٿي پوندو هو. ان ڪري هن مهيني جو اهو نالو تجويز ڪيو ويو. سنڌ ۾ اسلامي مهينن کي سنڌي نالا ڏنا ويا آهن. ’ربيع الاول‘ کي ’عرس‘،
’ربيع الثاني‘ کي ’يارهين‘ تيئن ’جمادي الاول‘ کي ’خالي‘ ۽ ’جمادي الثاني‘ کي ’ٻيو خالي‘ چون، ’رجب‘ کي ’لکانو‘، ’شعبان‘ کي ’براد‘ وغيره.
هن مهيني جون خاص ڳالهيون: اسلام ۾ پهريون ڀيرو جيڪا چنڊ گرهڻ ٿي، اها به هن مهيني ۾ سنه 5 هجريءَ ۾ ٿي ۽ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ وسلم جـن نـمـاز خُـسـوف يـعـنـي چـنڊ گرهڻ جي نماز ادا فرمائي. حضرت سيده بيبي فاطمة الزهرا رضي الله عنه جي ولادت پڻ جمادي الآخر مهيني ۾ ٿي. حضور نبي ڪريم جي نياڻي حضرت بيبي اُمِ ڪلثوم رضي الله عنها جي حضرت عثمان غني رضي الله عنه سان ٿيل نڪاح (شادي) جي رُخصتي جمادي الآخر سن 3 هجريءَ ۾ ٿي. اسلام جي پهرئين خليفي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه هن دنيا مان 22 جمادي الآخر سن 13 هجري تي پردو مٽايو ۽ ساڳي تاريخ تي حضرت فاروق اعظم امير عمر رضي الله عنه کي مسلمانن جو ٻيو نمبر خليفو چونڊيو ويو. نائين جمادي الآخر تي حضرت امام جعفر صادق رضي الله عنه جي ولادت باسعادت ٿي. پندرهين جمادي الآخر تي حضرت عبدالله بن زبير رضي الله عنه ڪعبة الله جي پُراڻي ڀت کي شهيد ڪري ڪعبة الله شريف جي نئين سر تعمير ڪئي. پهرين جمادي الآخر سن 1102هه تي حضرت سلطان العارفين سخي سلطان باهو رحمة الله عليه وصال فرمايو ۽ 25 جمادي الآخر تي حضرت خواجه باقي بالله رحمة عليھ جو دهليءَ ۾ عرس مبارڪ ٿيندو آهي ۽ 24 جمادي الآخر 1314هه تي چوٿين پير پاڳاري حضرت سيد علي گوهر شاهه ثاني محافي ڌڻيرح جو وصال ٿيو. (حوالو: مواعظِ حسنه- جلد-1)


هن صفحي کي شيئر ڪريو